حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

fed cabnet

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادي جماعتن جو اهم اجلاس دوران چونڊن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي قومي اسيمبلي ۾ ٻيو ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ جي منظوري قومي اسيمبليءَ مان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، چيف جسٽس سميت ٽن ججز خلاف جوڊيشل مس ڪنڊڪٽ تي ريفرنس تي به غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اتحادي اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سول بالادستي ۽ پارليامينٽ جي استحڪام لاءِ ڄمي مقابلو ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته پارليامينٽ جي بي عزتي برداشت نه ڪئي ويندي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، گذريل هفتي اتحادين ۽ وڪيلن سان ويٺاسين، ڪابينا جون ٻه گڏجاڻيون به ٿيون.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي ريت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اهو سڀني جي سامهون آهي، هڪ ٺهراءُ اڳ ئي پاس ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ٻيو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ٿيندو، ان حوالي سان قانون وارو وزير وڌيڪ ٻڌائيندو.

وزيراعظم چيو ته ملڪ سان اهڙو ظلم اڳ ۾ ناهي ڏٺو، سياسي جماعتن کي ڌر نه بڻائي درخواست رد ڪئي وئي، ٺوس شڪل ۾ سامهون اچڻ گهرجي ته جيئن قوم کي خبر پئي ته آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

چونڊن جي فيصلي تي جج ئي متفق ناهن ته عوام ڪيئن ٿيندو؟ مراد علي شاهه

Read Next

سانگهڙ ڀرسان سامي فائونڊيشن پاران اسڪول ۾ هائيجن ڪٽس تقسيم

Most Popular