مونکي بي ٽي ايس بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي: الڪا ياگنڪ جو انڪشاف

مشهور ڀارتي ڳائڻي الڪا يگناڪ تازو ئي پنهنجي باري ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.

هڪ تازي انٽرويو ۾،الڪا ياگنڪ تسليم ڪيو ته هن کي خبر نه هئيته گلوبل پاپ آئڪن بي ٽي ايس ڪير آهن.

الڪا ياگنڪ جي ڌيءَ سيشا کي پنهنجي ماءُ کي ٻڌائڻو پيو ته انگن ۾ بي ٽي ايس کي پار ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي، جڏهن هندستاني ڳائڻي اسپاٽائف تي ٽيلر سوئفٽ کان به اڳتي وڌي سڀ کان وڌيڪ اسٽريم ٿيل فنڪار بڻجي وئي.

هن چيو ته جڏهن مون سيشا کان پڇيو ته بي ٽي ايس ڇا آهي، هوءَ حيران ٿي وئي، هن مون کي چيو ته ‘ماءُ، تون هڪ عجوبو آهين!’ بهرحال، انهيءَ ڪاميابي الڪا ياگنڪ کي گهڻو متاثر نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هوء خاموش ۽ پرسڪون هئي.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو گئس ورڇ پاليسي تي نظرثاني جو مطالبو، وفاق پاران ڪميٽي قائم

Read Next

ملائڪا اروڙا پاران جلد ارجن ڪپور سان شادي ڪرڻ جو اعلان

Most Popular