سنڌ حڪومت جو گئس ورڇ پاليسي تي نظرثاني جو مطالبو، وفاق پاران ڪميٽي قائم

murad shah musadiq malik

وفاقي حڪومت گئس جي ورڇ واري پاليسي تي نظرثاني لاءِ سنڌ حڪومت جي مطالبي تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 15 ڏينهن ۾ سفارشون تيار ڪري پيش ڪندي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ملاقات ڪئي، جنهن دوران توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، توانائي واري سيڪريٽري ابوبڪر ميمڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان سيڪريٽري پيٽروليم ڪيپٽن (ر) محمد محمود، ڊائريڪٽر گيس رشيد جوکيو شرڪت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ گيس جو وڏو بحران آهي، هن وقت گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب عوام پريشان آهي.

هن چيو ته پاڪستان 33581 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿو، سنڌ 2200 کان 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿي.

مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي گئس جي پيداوار جو 62-63 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿئي ٿي، سنڌ جي گئس جي گهرج 1700-1600 ايم ايم سي ايف ڊي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ کي ضرورت جي ڀيٽ ۾ 600 کان 700 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي پيداوار 2100 کان 2200 ايم ايم سي ايف ڊي بدران مجموعي طور تي 600 کان 700 ايم ايم سي ايف ڊي گئس موجود آهي.

ان موقعي تي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان مان 3200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ٿئي ٿي، 200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فلڊ ڪمپريسر لاءِ استعمال ٿيندي آهي.

مصدق ملڪ چيو ته 300 ايم ايم سي ايف ڊي مان 1400 ايم ايم سي ايف ڊي پاور سيڪٽر کي فراهم ڪئي ويندي آهي، 1600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ايس ايس جي سي ۽ ايس اين جي سي کي پائيپ لائين ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي.

وڏي وزير چيو ته گيس جي کوٽ سبب اسان جو صنعتي شعبو بُري طرح متاثر ٿيو آهي، اسان جي صنعت جو چرخو رڪجي رهيو آهي، صوبي جون 1000 گئس اسڪيمون منظور ڪيون ويون جيڪي 11-2010ع کان التوا ۾ آهن.

هن چيو ته ايس ايس جي سي وارا چون ٿا ته هو جلد اسڪيمن تي ڪم شروع ڪندا، سنڌ جو حق آهي ته هتان جي گئس هتي ڏني وڃي، امپورٽ ٿيل آر ايل اين جي مقامي گيس کان ٽي ڀيرا وڌيڪ مهانگي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته رمضان شريف ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ روزيدارن لاءِ وڏو مسئلو آهي.

اجلاس ۾ گئس مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي ميمبرن جي نالن جو فيصلو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪنديون.

ترجمان وزير اعليٰ سنڌ ڪميٽي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون ڏيندو، جنهن کانپوءِ ٻيو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ فيصلا ڪيا ويندا.

سنڌ جي وڏي وزير مملڪتي وزير کان مطالبو ڪيو ته گئس جي ورڇ واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي، جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري رهيو آهي ان کي گئس ملڻ گهرجي.

Read Previous

وزيراعظم ۽ ڪابينا 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي عمل نه ڪن، قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

Read Next

مونکي بي ٽي ايس بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي: الڪا ياگنڪ جو انڪشاف

Most Popular