ملائڪا اروڙا پاران جلد ارجن ڪپور سان شادي ڪرڻ جو اعلان

ملائڪا اروڙا

ملائڪا اروڙا ٻي شادي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هوءَ ان ڳالهه کان مايوس ناهي، هوءَ ۽ ارجن ڪپور رشتي کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهن.

ملائڪا تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ ارجن جي تعريف ڪندي چيو ته هو تمام ذهين، تمام آزاد ۽ پنهنجي عمر جو تمام گهڻو خيال ڪندڙ آهي.

اداڪاره ٻنهي جي ڄمار جي فرق جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو اسان جي وچ ۾ ڪڏهن به مسئلو ناهي آيو.

ملائڪا ۽ اداڪار ارجن ڪپور ڪجهه سال اڳ هڪ ٻئي کي ڊيٽنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي، 2019 ۾ هن جوڙي انسٽاگرام تي باضابطا طور تي پنهنجي لاڳاپن جو اعلان ڪيو هو.

Read Previous

مونکي بي ٽي ايس بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي: الڪا ياگنڪ جو انڪشاف

Read Next

بپاشا باسو پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ ديوي جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو

Most Popular