جنگشاهي ۾ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن جو پگهارن لاءِ احتجاج

thatto protest

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)جنگشاهي لڳ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيت ٻن مهينن کان پگهارن لاءِ دربدر آهن.

پورهيتن الطاف جوکيو، عادل لنڊ، محمد علي جمالي، جان دادن جوکيو. رياض جوکيو، دستگير، اويس جوکيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پورهيتن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن مھينن جون پگھارون ملي ناھن سگھيون، جنھن ڪري فاقه ڪشي تي مجبور بڻجي ويا آهيون.

هنن چيو ته پگھارون گھرڻ تي ڪي فور انتظاميا ۽ سيڪورٽي جي ايڊمن پگھارون ڏيڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آھي.

Read Previous

ڪڪڙ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

Read Next

ڇتو چنڊ لڳ باهه لڳڻ سبب پورهيت جو گهر الهه تلهه سميت سڙي رک

Most Popular