ڇتو چنڊ لڳ باهه لڳڻ سبب پورهيت جو گهر الهه تلهه سميت سڙي رک

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ حاجي پالاري ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ جو گهر الهه تلهه سميت سڙي ويو.

پورھيت ديدار پالاري جو گھر ۽ گھر ۾ رکيل سمورو سامان، ھنڌ بسترا، اناج، قومي شناختي ڪارڊ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.

باھ متاثر ديدار پالاري ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھي، جنھن جي اڃا تائين ڪنھن به سار ناھي لڌي.

باھ متاثر پورھيت ديدار پالاري وس وارن کان سھائتا جي اپيل ڪئي آھي ته جيئن ٻيھر اجھو اڏي ٻچن کي سردي ۽ گرمي کان بچائي سگھي.

Read Previous

جنگشاهي ۾ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن جو پگهارن لاءِ احتجاج

Read Next

مڪلي بوائز ڪيمپس اسڪول ۾ اسڪريبل چيمپيئن شپ 2023 ڪرائي وئي

Most Popular