ڪنڌڪوٽ (رپورٽ رضا نوناري) ڪنڌڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان پروفيسر قتل، گهر ۾ ماتم، قاتلن خوشيءَ مان فائرنگ ڪري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي.
ڪچي ۾ رھندڙ ساوند ۽ سندراڻي برادري ۾ ڪجهه عرصي کان وٺي ڪارنھن تڪرار سبب خوني جھيڙو ھلندڙ ھو.
آءِ بي اي سکر يونيورسٽي کان اباڻي ڳوٺ آيل پروفيسر اجمل ساوند کي شالو واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
مقتول جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، قاتلن خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي.