گهوٽڪي ۾ اڌر ڪيڊر ٽيچرس الائينس جي سڏ تي استادن جو احتجاجي مظاهرو

ghotki teachers protest

گهوٽڪي(رپورٽ: جلال بوزدار) ادر ڪيڊر ٽيچرس الائينس سنڌ جي مرڪزي سڏ تي گهوٽڪي ضلعي جي استادن ريلي ڪڍي ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

استادن سڌير ڇڄڻ، عبدالستار سومرو، شبير چنه، حمادالله جتوئي، خليل گبول، عباس مهر، حافظ شهزادو ڇڄڻ، راڻا عارف ستار، زبير سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي استادن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ پڻ موجود هئا جنهن تي ” ٻٽي پاليسي نامنظور، هڪ سنڌ هڪ پاليسي”، سنڌ جي ٻين ضلعن جيان گهوٽڪي ضلعي جي ادر ڪيڊر استادن جون به پگهارون جاري ڪيون وڃن” جهڙا جملا لکيل هئا.

ان موقعي تي ادر ڪيڊر ٽيچرس الائنس ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي 2012ع ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ڀرتي ڪيو ويو گذريل 11 سالن کان نوڪريون ڪرڻ باوجود پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ استادن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ تعليم کاتي سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي به ٿڏي ڇڏيو، رشوت نه ڏيڻ ڪري ڊي آر سي جهڙا من گهڙت آبجيڪشن لڳائي نوڪرين مان ڪڍڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي اهڙن سازشن کي هرگز قبول نه ڪبو.

هنن چيو ته ڊي آر سي ڊپارٽمنٽ جو ڪم آهي جنهن جي سزا اسان کي ڇو پئي ڏني وڃي جيڪڏهن ڊي آر سي تي ڊي سي جي صحيح نه ورتي وئي ته آفر آڊر ڪيئن جاري ڪيا ويا ۽ پوسٽنگ سميت 11 سال نوڪريون ڪيئن ورتيون ويون.

هنن چيو ته اهو راڳ بند ڪري اسان جون پگهارون جلد جاري ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته جمهوري سرڪار ۽ روٽي ڪپڙا مڪان جا دعويدار حڪمران به استادن کي پگهارون جاري ڪرائڻ لاء ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.

هنن چيو ته اسان جي ڀرتي به پ پ پ جي دور حڪومت ۾ ٿي ۽ هاڻ به انهن جي سنڌ ۾ حڪمراني هجڻ باوجود به مسئلو حل نه پيو ڪيو وڃي.

هوڏانهن ادر ڪيڊر ٽيچرس الائنس جي مرڪزي نائب صدر حافظ زبير سنڌي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڪافي ضلعن جي ادر ڪيڊر استادن جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن پر ڪجھ ضلعن جنهن ۾ گهوٽڪي، شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن جي استادن جون پگهارون جاري نه ڪري تعليم کاتي توڙي سنڌ حڪومت ٻٽي پاليسي جو ثبوت ڏنو آهي، جيڪو اسان کي منظور ناهي هڪ سنڌ هڪ پاليسي تحت رهيل ضلعن جي استادن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

Read Previous

اياز لطيف پليجو پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي سخت مذمت

Read Next

گهوٽڪي ۾ ٽن هفتن کان بجلي بند هئڻ خلاف اسڪولي ٻارڙا رستن تي اچي ويا

Most Popular