جسٽس اطهر من الله به سپريم ڪورٽ جو فيصلو 4-3 جي تناسب سان ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس 4-3 سان رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن ريمارڪس ڏنا ته نوٽيس رد ڪرڻ جا ٽي مکيه سبب آهن، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ آرٽيڪل 184 (3) ۾ ڏنل بنيادي اصولن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي.

هن چيو ته عدالت کي پنهنجي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ سياسي ڪيسن کي غور سان ڏسڻ گهرجي ۽ درخواستگذار جي ضابطه اخلاق ۽ نيت کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته درخواستگذارن جو رويو آرٽيڪل 184 (3) لاڳو ڪرڻ جو زبردستي سبب ناهي.

جسٽس اطهر من الله لکيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ غير جمهوري قدرن ۽ حڪمت عملين کي هٿي ڏيڻ برابر آهي، ماضي جي فيصلن کي رد نٿو ڪري سگهجي پر عوام جو عدليه تي اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.

هن چيو ته سياسي نوعيت جي تڪرار چونڊن جي تاريخن جي مقرري تي بحث کي جنم ڏنو، سپريم ڪورٽ کي مسلسل ٽيون ڀيرو تڪراري سياسي معاملن ۾ آندو ويو.

جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال احمد خان مندوخيل سان اتفاق ڪندي جج چيو ته عدالت تڪراري سياسي مسئلن جي حل جو مرڪز بڻيل آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته 27 فيبروري تي فيصلو ڪيو ويو هو ته مان بينچ جو حصو نه هوندس، هن ريمارڪس ڏنا ته هن نه ته پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي اڳوڻي اختلافي نوٽ ۾ ڪو سبب ٻڌايو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته هن بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي راءِ ڏني هئي ۽ ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي، جيڪا عدليه تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.

هن لکيو ته جڏهن سياستدانن معاملي کي مناسب فورم تي وٺي وڃڻ بدران عدالت سان رابطو ڪيو ته اهي يا ته کٽي ويا يا وري هارائي ويا پر عدالت هميشه هارايو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته سمورا ادارا پنهنجي انا کي حد کان مٿانهون رکي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪن.

Read Previous

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اهم ملاقات

Read Next

قومي سلامتي ڪميٽي پاران دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular