قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اهم ملاقات

Shehbaz Sharif asim Munir

اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم ۽ آرمي چيف قومي سلامتي ڪميٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو انهن معاملن جو سڀ کان وڏو فورم آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به وزيراعظم هائوس پهچي ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪابينا جا ميمبر، هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ ٻيا شريڪ آهن.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جاري معاشي بحران تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ڇو ته پاڪستان پاران عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض پروگرام بحال ڪرائڻ ۾ دير سبب مهانگائي جو رڪارڊ ٽٽي رهيو آهي.

Read Previous

ندا ڊار پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽنهي فارميٽس لاءِ ڪپتان مقرر

Read Next

جسٽس اطهر من الله به سپريم ڪورٽ جو فيصلو 4-3 جي تناسب سان ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular