قومي سلامتي ڪميٽي پاران دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

NSC Qomi salamati commettee

اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو ٻه ڪلاڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوجن جي سربراهن، دفاع، ناڻي ۽ اطلاعات واري وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ فوجي قيادت شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم اجلاس کي دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز ۽ ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي جاري رهندي.

ذريعن موجب ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي سلامتي ڪميٽي کي ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ پڻ ڏني.

اين ايس سي جي اجلاس بابت تفصيلي بيان اڃا تائين جاري ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

جسٽس اطهر من الله به سپريم ڪورٽ جو فيصلو 4-3 جي تناسب سان ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڀٽو کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ئي ختم ٿي ويا: سليم مانڊوي والا

Most Popular