دادو ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي تي ڊي ايڇ او جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي

dadu dho rally

دادو(رپورٽ سخي سردار چارڻ ) دادو ۾ صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سول اسپتال ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شاهد علي شيخ سول سرجن ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي،ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ ڊاڪٽر جاويد سومرو ڊاڪٽر عتيق جانوري فوڪل پرسن ھيلٿ ايجوڪيشن آفيسر سيد اسدالله شاھ ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت صحت کاتي جي مختلف شعبن جي ميل في ميل ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر شاهد علي شيخ ڊي ايڇ او دادو ۽ سول سرجن ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا صحت جي حوالي سان اڄ عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ صحت کاتي جي عملي پاران ريليون ڪڍيون ويون آهن جنهن ۾ صحت بابت ماڻهن کي آگاھ ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته صحت جي عالمي اداري کي ڳڻتي آهي ته جتي به صحت سهولتن جي کوٽ ۽ دوائن جي کوٽ هجي ٿي اتي اسان جو ادارو پنهنجي وس آهر مددگار ثابت ٿئي ٿو پاڪستان توڙي جو دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صحت جي سهولتن بابت کوٽ جو حامل آهي.

هنن چيو ته اسان کي گهرجي ته هنن موقعن تي صحت جون سهولتون مهيا ڪرائڻ لاءِ عالمي اداري کي آگاھ ڪيون، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي صحت کاتن جي اختيارين جو تمام گهڻو عمل دخل هجڻ گهرجي ته جيئن اسان خطرناڪ بيمارين ۽ موذي مرضن جي پکڙجڻ سان انسانيت خطري ۾ آهي انسانن کي بچائڻ لاءِ اچو ته گڏجي تحرڪ وٺون.

Read Previous

ڏهرڪي ۾ حرا پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال جي اڳواڻيءَ ۾ پروفيسر جي قتل خلاف ريلي

Read Next

ٽنڊي ڄام ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جي انٽري گيٽ کان آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ تائين ريلي

Most Popular