ٽنڊي ڄام ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جي انٽري گيٽ کان آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ تائين ريلي

hyd sewa protest

حيدآباد اسٽاف رپورٽر) ٽنڊي ڄام ۾ به سيوا جي سڏ تي ملازمن جي انٽري گيٽ کان آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ملازمن پاران خاور ميمڻ، آصف ابڙو، قربان سميجو، فياض سيال، ھزار خان ڪليري ۽ اقبال مسيح جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته وي سي چار ملازمن کي آسان قسطن ۾ ڪڻڪ ڏيڻ، 5 فوتي ڪوٽا جا آرڊر ۽ 6 ملازمن جون رهتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

هن چيو ته جولاءِ 2022 جو زرعي يونيورسٽي ۽ خيرپور ڪئمپس جو رھيل ڊفرنس بينڪ ۾ موڪليو ويو، وڌيڪ معاملن تي ڳالهيون ھلندڙ آھن.

Read Previous

دادو ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي تي ڊي ايڇ او جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي

Read Next

ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شفيع ڪرناڻي جي ستين ورسي ، ڀيٽا پيش

Most Popular