ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شفيع ڪرناڻي جي ستين ورسي ، ڀيٽا پيش

thatto shafi kirnani

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شفيع ڪرناڻي جي ستين ورسي تي جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

جسقم آريسر جي اسلم خيرپوري، جسم وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، حاجي انور ڪرناڻي ۽ ٻين جلسي کي خطاب ڪيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي وحدانيت تي ڪو به وار قبول نه ڪبو، وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي.

هنن چيو ته ڪوھستان ۽ سامونڊي پٽي جي زمينن جو وڏي پئماني تي ڀيلاڙو جاري آھي، بجلي پيدا ٿئي ٿي پر مقامي رهواسي محروم آهن.

Read Previous

ٽنڊي ڄام ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جي انٽري گيٽ کان آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ تائين ريلي

Read Next

سجاول ۾ 15 ڏينهن واري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: افتتاحي ميچ ۾ ڊي سي اليون سوڀاري

Most Popular