سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني نه ھجڻ ڪري قبيلائي دھشتگردي جو راڄ آھي، اياز پليجو

اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽ: نسيم احمد سھتو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته قانون جي حڪمراني نه ھجڻ ڪري قبيلائي دھشتگردي جو راڄ آھي، پ پ سرپرستي پئي ڪري.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اياز پليجو چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سندن وحشي نظام سنڌ کي خونن، ڌاڙن، اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ، بدامني ۽ لاقانونيت سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

هن چيو ته معمولي ڳالھين ۽ انتقام خاطر وڏي خوني جنگ شروع ٿيو وڃي، ھزارين خاندان تباھ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته تڪرار وارن ضلعن ۾ تعليمي نظام درھم برھم، بيروزگاري ۽ بدحالي جي ڪري ڏوھن جو راڄ آھي.

Read Previous

سجاول ۾ بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر تي حملي ۽ زخمي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

Read Next

عدالت توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Most Popular