نيوزيلينڊ سريلنڪا کي ڊرامائي انداز ۾ شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

ڪوئنس ٽائون: نيوزيلينڊ سريلنڪا کي ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

سيفرٽ جي 48 بالن تي 10 چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان نيوزيلينڊ جي ٽيم 183 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، پر آخري اوور ۾ ٽي وڪيٽون ڪرڻ سبب ڪجهه گهڙين لاءِ ميچ ڊرامائي انداز اختيار ڪيو.

نيوزيلينڊ کي آخري اوور ۾ 10 رنسن جي ضرورت هئي، جڏهن مارڪ چيپمين کي لاهيرو ڪمارا آئوٽ ڪري ڇڏيو.

جمي نيشام ان کان پوءِ ايندڙ بال تي رن آئوٽ ٿيو ۽ ڊيرل مچل به ٻاهر ٿي ويو پر رچين رويندرا يقين ڏياريو ته ڪو به سپر اوور ڊرامو نه ٿيندو، جيڪو پهرين ميچ ۾ ٿيو هو.

Read Previous

رانديگرن جي واپسي، بابر اعظم جي ٽيم پاران نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان اڳ پريڪٽس

Read Next

زارا شيخ ميڪال ذوالفقار سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي

Most Popular