ميچ فڪس ٿيڻ تائين عمران خان ميچ نه کيڏندو: شرجيل ميمڻ

Sharjeel Memon

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ آرڪائيو ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڀ کان پهرين پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جون واڌايون ڏنيون آهن.

پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته سنڌ ۾ ايسٽر جو ڏهاڙو آهي. مهانگائي جي ڏڪار واري دور ۾ حڪومت 65 رپيا في ڪلو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ في خاندان 2000 رپيا ڏئي رهي آهي، هن وقت تائين 29 لک 36 هزار 355 خاندان 2 هزار رپيا سبسڊي وٺي چڪا آهن، جيڪا رقم 5 ارب، 87 ڪروڙ، 27 لک ۽ 10 هزار رپيا رقم ادا ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته اهڙا مستحق خاندان جن جي ماهوار آمدني 50 هزار رپين کان گهٽ آهي ۽ جيڪي اڃا تائين رجسٽرڊ نه ٿيا آهن اهي 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ موڪلي رجسٽريشن ۽ سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي جي عوام کي خوشخبري ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ اليڪٽرونڪ بسن جا 3 نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن جن ۾ پهريون روٽ 13 اپريل کان ملير- الآصف مارڪيٽ کان ٽئنڪ چوڪ، ٻيو روٽ 14 اپريل کان بحريا ٽائون کان ٽئنڪ چوڪ ۽ ٽئنڪ چوڪ کان نمائش چورنگي تائين جڏهن ته ٽيون روٽ 18 اپريل کان نارٿ ڪراچي کان براه راست نيو ڪراچي ، الآصف اسڪوائر، عائشه منزل، گرو مندر ، ايمپريس مارڪيٽ، آءِ آءِ چندريگر روڊ کان ڊاڪيا رڊ تائين تقريبا 30 ڪلوميٽرن جي فاصلو ٿيندو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏي وزير جي خاص هدايتن تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن ۾ ٻه ڀيرا واڌ روڪي وئي آهي ، واڌ ان ڪري روڪي وئي آهي جو سنڌ حڪومت مهانگائي جي هن دور ۾ شهرين کي جيترو به ٿي سگهي آساني فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته پيپلز بس سروس 30 کان 40 ڪلوميٽرن جو سفر صرف 50 روپين ۾ ممڪن بڻائي رهي آهي، جيڪو موٽرسائيڪل جي خرچ کان به گهٽ آهي.

صوبائي وزير چيو ته هڪ نااهل شخص کي آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ جي تحريڪ ذريعي هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ان کان پهريان وزير اعظمن کي غير قانوني طريقي سان اقتدار کان بيدخل ڪيو ويو هو .

هن چيو ته آئيني طريقي سان بي اعتمادي جي تحريڪ ذريعي هٽايل شخص اڄ ڏينهن تائين پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، هن شخص جي نااهلي ۽ بدانتظامي سبب عوام ۽ اداران کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان چور دروازي ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ هن شخص تي اسرائيل ۽ ڀارت پاران فنڊنگ وٺڻ جو به الزام آهي. هن جو چوڻ هو ته ميچ فڪس ٿيڻ تائين عمران خان ميچ نه کيڏندو.

هن چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي ڪي، بي آر ٽي جي جاچ جي هدايت ڪئي پر ڪيس کي اڳتي هلي اسٽي ملي ويو. هن چيو ته قاسم سوري جي سيٽ تي ٻيهر اليڪشن جو فيصلو ٿيو، پر کيس ان کان به اسٽي مليو. هن چيو ته لاڏلي جي ڪرپشن پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي لڪايل آهي.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي پارٽي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ به ڊيلئنگ ٽيڪٽڪس جو سهارو ورتو.

هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته عمران خان خلاف ڪا به جاچ ٿي سگهي ٿي؟ سمورن صحافين ۽ وڪيلن کي وڏو بحث ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسوٿا ته عمران خان کي رعايتون ڏنيون ويون ۽ صادق ۽ امين جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، هاڻي حقيقت ۽ دليل جي بنياد تي فيصلو ٿيڻ گهرجي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه چونڊن لاءِ تيار آهي، هن چيو ته غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا ڪيا پيا وڃن.

هن سوال ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڇو نه ٿي ٿئي، شهيد بي بي جو ڪيس ڇو نه ٿو هلايو وڃي، پيپلز پارٽي ملڪ، جمهوريت، ادارن ۽ پارليامينٽ کي مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي.

شرجيل ميمڻ چيو ته صدر پارليامينٽ مان ووٽ وٺي پارليامينٽ جي اختيارن تي سوال اٿاري رهيو آهي. ڇا اهو درست طرز عمل آهي.

هن چيو ته عمران خان جي ٽائيگر فورس جي ڪارڪن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ته پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڪري. هن چيو ته اڄ به عمران خان کي رستو ڏنو پيو وڃي، اسان پنهنجي ادارن کي اسڪينڊلائيز نٿا ڏسڻ چاهيون .

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غير قانوني فيصلا مڃڻ غلط آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري تي سپورٽ پرائز 2200 روپين مان وڌائي 4000 روپيا رکي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت حادثن جو جو سختي سان نوٽيس وٺندي آهي.

صوبائي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڊاڪٽر جي شهادت تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير فوري طور نوٽيس ورتو آهي ۽ جيڪو به ان بيدري سان ڪيل قتل ۾ ملوث هوندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Read Previous

وفاقي ڪابينا جو چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو فيصلو

Read Next

پاڻمرادو نوٽيس تي ئي اسان جي حڪومت وئي، تڏهن ٺيڪ، هاڻي غلط آهي؟: عمران خان

Most Popular