پاڻمرادو نوٽيس تي ئي اسان جي حڪومت وئي، تڏهن ٺيڪ، هاڻي غلط آهي؟: عمران خان

عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس تي ئي اسان جي حڪومت وئي، تڏهن ٺيڪ هو، هاڻي چون ٿا ته درست ناهي.

يوٽيوبرز سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان جا هٿ ٻڌا ويا ته اسان چُپ نه ويهنداسين، غداري سميت 144 ڪيس ٺاهيا ويا آهن ۽ اسين وڳوڙ نه چونڊون چاهيون ٿا، مخالف مون کي رستي تان هٽائڻ ۽ مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪرائڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته انهن کي اِهو ڊپ هو ته جيل ۾ بند ڪرڻ سان منهنجي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو، انڪري مون کي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، اهڙي طريقي سان سياسي پارٽيون ختم ناهن ٿينديون، پر مُلڪ کي نقصان ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته چونڊن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، پاڻمرادي نوٽيس سبب اسان جي حڪومت وئي هئي ۽ ان وقت به ساڳيا ئي جَجَ هئا، انصاف جي نظام تي ڪنهن جو اعتماد نه هوندو ته ڪير سيڙپڪاري ڪندو؟

هن چيو ته جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته اسان روڊن تي نڪرنداسين، سڀني کي جيلن ۾ وڌو ويو، اسان جا هٿ ٻڌا ويا ته اسان چُپ نه ويهنداسين، اسان خلاف آمريڪا مان سازش ٿي پر شروع هتان کان ٿي.

عمران خان چيو ته حسين حقاني کي هائير ڪري منهنجي حڪومت خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، مون ريورس انجنيئرنگ ڪري جائزو ورتو ته اسان سان ڪوڙ ڳالهايو ويو، منصوبو منهنجي جاءِ تي شهباز شريف آڻڻ جو هو.

Read Previous

ميچ فڪس ٿيڻ تائين عمران خان ميچ نه کيڏندو: شرجيل ميمڻ

Read Next

جيڪب آباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، گهر اندر ٻه ڀائر قتل، لاش پيتيءَ مان هٿ

Most Popular