وفاقي ڪابينا جو چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ آئيني بحران تي غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس جي ايجنڊا ۾ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي معاملي تي غور ڪيو ويو، وفاقي حڪومت طرفان اليڪشن ڪميشن کي فنڊز جي فراهمي بابت فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 واپس اماڻڻ جي فيصلي، جسٽس اطهر من الله جي اختلافي نوٽ ۽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي به غور ڪيو ويو.

حڪومتي قانوني ٽيم جي موجودگي ۾ وزيراعظم ۽ اڪثر وزيرن سان وڊيو لنڪ ملاقات ڪئي وئي، جنهن ۾ بل بابت مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.

سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ فنڊ ڏيڻ واري حڪم تي به غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ڏيڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته معاملي تي پارليامينٽ کان راءِ ورتي ويندي.

ذريعن موجب جمعي ڏينهن قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري به وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي.

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ جن وزيرن شرڪت ڪئي انهن ۾ بين الصوبائي مواصلات وارو وزير رياض حسين پيرزادو، اوورسيز پاڪستانين وارو وزير ساجد طوري، هائوسنگ وارو وزير مولانا عبدالواسع، مملڪتي وزير هاشم نوزئي ۽ ٻيا شامل آهن.

اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير اياز صادق ۽ ريلوي وارو وزير خواجا سعد رفيق آن لائين شرڪت ڪندڙن ۾ شامل هئا.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين پنجاب چونڊن لاءِ فنڊ نه ملڻ جو امڪان

Read Next

ميچ فڪس ٿيڻ تائين عمران خان ميچ نه کيڏندو: شرجيل ميمڻ

Most Popular