نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

لاهور: نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ لاهور پهچي وئي.

نيوزيلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ دبئي کان لاهور پهتي، جنهن کي سخت سڪيورٽي هيٺ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کان سندن هوٽل پهچايو ويو.

دوري تي آيل ڪيوي ٽيم پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 14 اپريل تي لاهور، ٻي 15 اپريل ۽ ٽيون 17 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو، سيريز جي چوٿين ۽ پنجين ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز پڻ کيڏي ويندي، ون ڊي سيريز جي پهرين ۽ ٻي ميچ 27 ۽ 29 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

ون ڊي سيريز جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ميچ ترتيبوار 3، 5 ۽ 7 اپريل تي ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون.

Read Previous

پيرسن شخص جي فاسٽ بالنگ کان شعيب اختر سخت متاثر

Read Next

بابر جي ڪپتاني بابت نجم سيٺي جي بيان کانپوءِ آفريدي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular