پيرسن شخص جي فاسٽ بالنگ کان شعيب اختر سخت متاثر

لاهور: راندين ۾ عمر جي ڪا به حد ناهي ۽ خيبرپختونخواهه جي هڪ بزرگ وائرل وڊيو ۾ بال سان پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو.

تيز ترين بال ڏيڻ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر بزرگ شخص جي وڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي آهي.

هڪ بزرگ اڇي ڏاڙهي سان گڏ مذهبي ٽوپي پاتل هڪ جابلو علائقي مان ڊوڙندي ڏٺو وڃي ٿو، جنهن کان پوءِ هو هڪ شاندار طريقي سان بال اڇلائي ٿو.

اهو انداز راولپنڊي ايڪسپريس کي ايترو متاثر ڪري ويو آهي، جو هو ساڻس ملڻ لاءِ بيتاب آهن، شعيب اختر ويڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته اڙي واهه، آئون انهيءَ شخص سان ملڻ چاهيندس، ڪير کيس ڳولي اچي.

ٽوئيٽر صارفين به بزرگ شخص جي بالنگ تي حيران ٿي ويا، ڪجهه ماڻهن سندس ايڪشن کي شعيب اختر سان ڀيٽيو.

Read Previous

ڪمشنر قلات جي قافلي سان حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

Read Next

نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

Most Popular