مظفرآباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

مظفرآباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

هن تي عدليه خلاف ڌمڪي وارو لهجو استعمال ڪرڻ جو الزام هو. ٻڌڻي دوران وزيراعظم پاران عدليه جي غلطين ڪڍڻ جا ڪلپس هلايا ويا.

سردار تنوير الياس کان اڳ پاڪستان جا ٻه وزير اعظم ٿي چڪا آهن، جن کي عدالت نااهل قرار ڏئي چڪي آهي.

يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو 2012 ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري خلاف ڪرپشن ڪيس ٻيهر کولڻ کان انڪار ڪرڻ تي توهين عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو هو.

عدالت سردار تنوير الياس کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي سيٽ تان نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هو مستقبل ۾ ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ چونڊ نه وڙهي سگهندو، عدالت ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ تائين سزا برقرار رکي.

Read Previous

اداڪاره عائشه عمر جو پنهنجي 8 سالن جي لاڳاپن بابت انڪشاف

Read Next

آرمي چيف جو هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو، ايڇ آءِ ٽي معاشي تعليم جو مرڪز قرار

Most Popular