اداڪاره عائشه عمر جو پنهنجي 8 سالن جي لاڳاپن بابت انڪشاف

لاهور: پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر پنهنجي 8 سالن جي لاڳاپن بابت انڪشاف ڪيو آهي ته جنهن شخص سان هوءَ لاڳاپن ۾ هئي، اهو ساڻس بار بار بدسلوڪي ڪندو هو.

عائشه عمر تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف واقعن بابت ڳالهايو.

اداڪارا چيو ته اسان هڪ خاندان وانگر ۽ لڳ ڀڳ پرعزم هئاسين مون کي لاڳاپن کي ختم ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳو، ڇو ته مون سوچيو هو ته شايد هو بهتر ٿي ويندو ۽ منهنجو پيار کيس بدلائي ڇڏيندو.

هن چيو ته جڏهن هڪ ڏينهن هن مون تي جسماني طور حملو ڪيو، مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته اهو صحيح نه هو ۽ آخرڪار تعلق ختم ڪيو.

هن چيو ته ڪنهن به طرح مان هن رشتي مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس پر مان اڃا تائين انهيءَ صدمي ۾ آهيان.

Read Previous

هانيا عامر جو ڪمبوڊيا وارو دورو تڪرارن جي ور چڙهي ويو، صارفين جي ڇتي تنقيد

Read Next

مظفرآباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular