آرمي چيف جو هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو، ايڇ آءِ ٽي معاشي تعليم جو مرڪز قرار

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا (ايڇ آءِ ٽي) جو دورو ڪري اهلڪارن جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سندن عزم کي ساراهيو. .

هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جي آفيسرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (LEAs) جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايڇ آءِ ٽي کي جديد دفاعي پيداوار جي سهولت ۾ تبديل ڪندا.

آرمي چيف کي ايڇ آءِ ٽي جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن، جاري منصوبن جي اڳڀرائي، انڊيجنائيزيشن جي ڪوششن ۽ تازو جديديت جي شروعاتن بابت بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف مختلف ايڇ آءِ ٽي فيڪٽرين جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان آرمي جي ٽينڪن، اي پي سيز، بهتر سيڪيورٽي سلوشنز، ريموٽ ويپن سسٽم ۽ ديسي 155 ايم ايم آرٽلري گن بيرل جي تياري، ريبلڊنگ ۽ اپ گريڊنگ جو جائزو ورتو.

آرمي چيف چيو ته ايڇ آءِ ٽي معاشي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جو مرڪز آهي، جيڪو دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀرائي حاصل ڪرڻ، قومي برآمدات ۽ معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اهم آهي.

ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي چيئرمين ايڇ آءِ ٽي سندس آجيان ڪئي.

Read Previous

مظفرآباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب نه مليا: اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

Most Popular