پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب نه مليا: اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

سپریم کورٹ


اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پنجاب ۾ چونڊن لاءِ نه فنڊ فراهم ڪيا ۽ نه ئي سيڪيورٽي فراهم ڪئي.

اليڪشن ڪميشن هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي جمع ڪرائي ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود حڪومت اڃا تائين 21 ارب رپيا فراهم نه ڪيا آهن، پنجاب جي نگران حڪومت سڪيورٽي لاءِ رڳو 75 هزار اهلڪار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ 3 لک سڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ آهي.

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ عام چونڊن جي معاملي تي سيل ٿيل رپورٽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آه،. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو ته کين رپورٽ جي مواد جي خبر ناهي.

ياد رهي ته حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ختم ٿي وئي آهي، حڪومت کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپيا جاري ڪرڻا هئا.

Read Previous

آرمي چيف جو هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا جو دورو، ايڇ آءِ ٽي معاشي تعليم جو مرڪز قرار

Read Next

Ways to Write Successful Business Documents With Little

Most Popular