آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

IMF

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي ورلڊ اڪنامڪ آئوٽلڪ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستان جي جي ڊي پي مالي سال 24 ۾ 0.5 سيڪڙو کان گهٽجي 3.5 سيڪڙو رهڻ جو ڪاٿو آهي، جيڪو مالي سال 22 ۾ 6 سيڪڙو هو، حڪومت جو معاشي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو آهي.

آءِ ايم ايف موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي ٻيڻ کان وڌي 27 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ بيروزگاري 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

آءِ ايم ايف موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 2.3 سيڪڙو تائين محدود رهندو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ سال جي ڊي پي جي شرح نمو 3.5 سيڪڙو ٿي ويندي جنهن ۾ واضح بهتري ايندي ۽ مهانگائي گهٽجي 21.9 سيڪڙو ٿي ويندي.

آءِ ايم ايف وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مجموعي گھربل پيداوار (جي ڊي پي) جي 2.3 سيڪڙو جي اندر رکيو ويندو.

ان کان علاوه، آءِ ايم ايف جي رپورٽ ايندڙ سال لاءِ 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جيڪا اهم پيش رفت جي نشاندهي ڪري ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگائي جي شرح گهٽجي 21.9 سيڪڙو ٿي ويندي جيڪا معيشت ۾ مثبت رجحان جي نشاندهي ڪري ٿي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو (CAD) 2.4 سيڪڙو تي رهندو جڏهن ته بيروزگاري جي شرح ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.

Read Previous

پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم اولمپڪ ڪواليفائرز ۾ پهرين ميچ کٽي ورتي

Read Next

منهنجي خواهش آهي ته رمضان هڪ مهينو وڌيڪ رهي، گلوڪار فلڪ شبير

Most Popular