منهنجي خواهش آهي ته رمضان هڪ مهينو وڌيڪ رهي، گلوڪار فلڪ شبير

پاڪستان جو مشهور پاپ ڳائڻو فلڪ شبير اڪثر ڪنسرٽ ڪندو آهي ۽ مداح به سندس جوش واري لائيو پرفارمنس کي پسند ڪندا آهن.

هو ڪاليجن، شادين، قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي پروگرامن ۾ ڪنسرٽ ڪندو آهي، ڳائڻي تازو ئي رمضان المبارڪ ۾ پرفارم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

فلڪ شبير پنهنجي انسٽاگرام تي سوال ۽ جواب جو سيشن منعقد ڪيو، هڪ مداح سان ڳالهائيندي چيو ته هو رمضان ۾ ڪنسرٽ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته مان رمضان ۾ ڪو به ويلاگ نه ٿو ڪرڻ چاهيان، هڪ مداح کي جواب ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته توهان مون کي ناشتو ڪندي ڏسڻ چاهيو ٿا يا مونکي نماز پڙهندي ڏسندا؟ رمضان کي سادگي سان گذارڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته هو روزو رکڻ جو سوچي به نٿو سگهي، هو چاهي ٿو ته رمضان هڪ مهينو وڌيڪ رهي.

Read Previous

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

Read Next

سلمان خان ۽ شهناز گل جي کل ڀوڳ تقريب کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو

Most Popular