سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس جي نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

مظفر آباد: سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس کي وزيراعظم جي عهدي تان نااهل قرار ڏيڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.

اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف کي ان وقت وڏو ڌڪ لڳو، جڏهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ تنوير الياس کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، هو توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل ٿيندڙ آزاد ڪشمير جو پهريون وزيراعظم بڻجي ويو.

تنوير الياس ان فيصلي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن ۾ کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم قرار ڏنو ويو هو، عدالت جي رجسٽرار آفيس تنوير الياس جي درخواست اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏي هئي.

آزاد ڪشمير جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم درخواستگذار جي وڪيلن پاران تنوير الياس کي موجوده وزيراعظم قرار ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

هن پڇيو ته رجسٽرار اعتراض اٿارڻ تي توهان تعميل ڇو نه ڪئي؟ جنهن تي تنوير الياس جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ان تي اڳوڻو وزيراعظم لکيل آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سينيئر وڪيل آهيو ۽ هي سپريم ڪورٽ آهي، ان کي اڳوڻو ڪيئن پڙهي سگهون ٿا.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي تائين هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قائم رهندو ۽ سردار تنوير الياس کي اڳوڻو وزيراعظم سمجهيو ويندو، جنهن کانپوءِ وڪيل درخواست تي اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا.

ٻڌڻي کان اڳ تنوير الياس جي وڪيل سردار رزاق خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ۾ وزيراعظم کي نااهل ڪرڻ جو صحيح طريقو موجود آهي.

وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ان طريقي تي عمل ڪرڻ کانسواءِ وزيراعظم کي نااهل نٿو ڪري سگهي، توهين عدالت جي وڌ ۾ وڌ سزا 6 مهينا آهي.

عمران خان تنوير الياس جي نااهلي واري نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته سردار تنوير الياس اڃا تائين آزاد ڪشمير جو وزيراعظم آهي.

Read Previous

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڄ اچڻ جا امڪان

Read Next

گڏيل عرب امارات کان هلندڙ هفتي هڪ ارب ڊالر مالي مدد جي لکت ۾ ضمانت ملڻ جو امڪان

Most Popular