پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڄ اچڻ جا امڪان

سپریم کورٹ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي فراهمي بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين پنهنجي اليڪشن آرڊر بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

اليڪشن ڪميشن هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 21 ارب رپيا جاري نه ڪيا ۽ پنجاب جي نگران حڪومت 3 لک جي گهرج تي رڳو 75 هزار سڪيورٽي اهلڪار ڏيڻ تي راضي ٿي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 4 اپريل تي اليڪشن ڪميشن جي 22 مارچ جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل رپورٽ کي نظر ۾ رکندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال اڄ پنهنجي ساٿي ججن سان ان حڪم تي عمل نه ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ امڪان آهي ته ڪو مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي اليڪشن ڪميشن اليڪشن فنڊز جي عدم فراهمي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

رپورٽ سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي جيڪا چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر جي چيمبر ڏانهن موڪلي وئي.

Read Previous

ترڪي جون چونڊون: رجب طيب اردگان اقتدار برقرار رکڻ لاءِ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي

Read Next

سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس جي نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular