نواز شريف جي واپسي ڪيس: فواد چوڌري جو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جڏهن نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته وزيراعظم شهباز شريف ضمانت ڏني هئي ته سندس ڀاءُ پاڪستان واپس ايندو.

فواد چوڌري ان کان اڳ ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نوازشريف مفرور ڏوهاري آهي، شهباز شريف ضامن جو ڪم ڪرڻ بدران کيس سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو.

هن عدالت کي استدعا ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا بينچ درخواست ۾ شامل حقيقتن ۽ قانون تي بحث ڪرڻ کانسواءِ درخواستگذار جي درخواست رد ڪرڻ جو جواز آهي.

Read Previous

گڏيل عرب امارات کان هلندڙ هفتي هڪ ارب ڊالر مالي مدد جي لکت ۾ ضمانت ملڻ جو امڪان

Read Next

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات

Most Popular