چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي.

خانگي ٽي وي موجب اختيارين نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ملڪ جي ٻن سينيئر ججن وچ ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي سپريم ڪورٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن فيصلن تي لکيل تاريخن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي موجودگي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن کي هٽائڻ ۽ بينچ جوڙڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

ڪيترن ئي مبصرن ۽ تجزيه نگارن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اهم ڪيسن تان هٿ کڻڻ کي نوٽ ڪيو آهي، جن جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ کي ورهايو ويو آهي.

ان کانسواءِ ٻنهي ججن ۾ اختلاف به ان وقت سامهون آيا جڏهن چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ پاڻمرادو نوٽيس تي چيف جسٽس جا اختيار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن کي چيف جسٽس بنديال هڪ سرڪيولر ذريعي رد ڪري ڇڏيو.

Read Previous

نواز شريف جي واپسي ڪيس: فواد چوڌري جو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

Read Next

انڊونيشيا ۾ اسٽيڊيم واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو روايتي حريف فٽبال ٽيمون آمهون سامهون

Most Popular