حيدرآباد )رپورٽ: نسيم احمد سھتو) حيدرآباد پوليس منشيات جي وڏي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي مين پوڙي ڊيلرز گينگ جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي.
ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ جي خاص هدايتن تي اي ايس پي علينا راڄپر جي سربراهي ۾ انسپيڪٽر اياز کهڙو، انچارج سي آءِ اي منير عباسي، انچارج ايف آءِ اي ملڪ عباس ۽ ايس ايڇ او حسيني سب انسپيڪٽر قربان علي عقيلاڻي ڪامياب ڪارروائي ڪئي.
پوليس ڪارروائي ڪري مين پوڙي جو وڏو ذخيرو، ڪچي مال جا 70 ٻاچڪا، تيار ٿيل مين پوڙيون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ مينپوري فيڪٽري تي ڇاپو هڻي بين الصوبائي مينپوري ڊيلر گينگ جي 2 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ڪارروائي جي نتيجي ۾ 78 ڪٽن ۾ 1790 ڪلو ڪچو مال، مين پوڙي ريپر جي 1 کٽ، 2 ڪٽر مشينون، اليڪٽرونڪ فورڪ مين پوڙيون ۽ ٻيو مکيه پوڙيون تيار ڪرڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو.
گرفتار جوابدارن ۾ ذوالفقار کوسو ۽ مختيار کوسو شامل آهن، جڏهن ته جوابدارن جو ساٿي توفيق کوسو موقعي تان فرار ٿي ويو.
پوليس موجب جوابدارن جو تعلق وڏي بين الصوبائي مني ڊيلر گينگ سان آهي، جيڪي حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تيار ۽ ڪچي مال جي فراهمي ۾ سرگرم هئا.