عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 4 مئي تائين واڌ

عمران خان

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 4 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد بٽ عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري، ياسمين راشد، فرخ حبيب، محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري جي عبوري ضمانت ۾ به 2 مئي تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

لاهور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت زولي شاهه قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٽنهي اڳواڻن خلاف سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

Read Previous

سريلنڪا ڊڪ ويلا کي ڊراپ ڪري ڇڏيو، سماروڪرما جي ٽيم ۾ واپسي

Read Next

وڏي وزير سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز کاتن کي ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو

Most Popular