سريلنڪا ڊڪ ويلا کي ڊراپ ڪري ڇڏيو، سماروڪرما جي ٽيم ۾ واپسي

Sadeera Samarawickrama of Sri Lanka bats watched England wicketkeeper Jos Buttler during the 5th One Day International match between Sri Lanka and England at R. Premadasa Stadium on October 23, 2018 in Colombo, Sri Lanka. (Photo by Gareth Copley/Getty Images)

ڪولمبو: سريلنڪا آئرلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين نروشن ڊڪولا کي شامل نه ڪيو آهي.

گذريل مهيني ڪرائسٽ چرچ ۾ پهرين ميچ ۾ بيٽنگ سان متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ۽ نيوزيلينڊ خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست بعد ڊڪولا کي آئوٽ ڪيو ويو.

نشان مدوشڪا ۽ سماروڪرما کي اربع تي اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپنگ آپشنز طور شامل ڪيو ويو آهي.

مدوشڪا پنهنجو ٽيسٽ ڊيبيو نيوزيلينڊ ۾ ڪيو، جڏهن ته سماراوڪرما پنهنجي چئن ٽيسٽ ميچن مان آخري ڊسمبر 2017 ۾ کيڏيو.

فاسٽ بالر ڪاسن راجيٿا ۽ لاهيرو ڪمارا کي آرام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالنگ آپشنز ۾ آسيتا فرنينڊو، وشوا فرنينڊو ۽ ملان رتنائڪي کي شامل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڪورنٽني والش جو ڪانٽريڪٽ ختم

Read Next

عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 4 مئي تائين واڌ

Most Popular