پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهڻ بابت سوچي رهيو آهيان، وسيم اڪرم

سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم پنهنجي يوٽيوب چينل بڻائڻ جي حوالي سان بال سوئنگ ڪندي مداحن جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو.

وسيم اڪرم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته هو ڪجهه وقت سوشل ميڊيا تان وقفي کانپوءِ اڄ هي وڊيو ٺاهي رهيو آهي.

هن وڊيو ۾ وسيم اڪرم پنهنجي مداحن کي رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ زڪوات ڏيڻ جي ترغيب ڏني آهي.

وڊيو جي آخر ۾ وسيم اڪرم کان پڇيو ويو ته ڇا هو پنهنجو يوٽيوب چينل به ٺاهيندو، جنهن تي وسيم اڪرم چيو ته پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهڻ جو سوچي رهيو آهي، پر هو چاهي ٿو ته مداحن جي راءِ وٺڻ گهرجي.

Read Previous

قومي اسيمبليءَ جو ان ڪيمرا اجلاس، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي شرڪت

Read Next

پاڪستان جو دورو اسان جي ٽيم لاءِ سٺو هوندو، ٽام ليٿم

Most Popular