مون کي خبر آهي ته پاڻي هر گهر ۾ اچي سگهي ٿو: گورنر سنڌ

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته پاڻي موجود آهي ۽ هر گهر ۾ اچي سگهي ٿو.

سنڌ جي گورنر لياري ۾ ٻارن جي فٽبال ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي ميڊيا کي ٻڌايو ته هو گورنر اليون ۽ لياري اليون وچ ۾ ميچ منعقد ڪندو ۽ پاڻ کيڏندو.

ڪامران ٽيسوري چيو ته لياري جي سمورن گرائونڊ کي بهتر ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، انجنيئرز هن شهر کي درست بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته هو ٻيهر درخواست ڪندو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار وڌائي 50 هزار رپيا ڪئي وڃي.

ان کان علاوه گورنر سنڌ به سحري لاءِ گلشن معمار پهتو ۽ وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ مغفرت جي دعا به ڪئي.

Read Previous

مفتي عبدالشکور جي سندس اباڻي قبرستان تاجبي خيل ۾ تدفين

Read Next

ترقياتي فنڊ روڪي پگهارون وڌائڻ گهرجن: خورشيد شاهه

Most Popular