نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ نئين ٽرف وڇائڻ جو ڪم شروع

نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ نئين مصنوعي ٽرف وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي راندين واري صلاحڪار وهاب رياض مصنوعي ٽرف لڳائڻ جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي وهاب رياض چيو ته نئين مصنوعي ٽرف وڇائڻ جي منصوبي تي 16 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، هاڪي جي بحالي ۽ انٽرنيشنل هاڪي کي واپس آڻڻ لاءِ پهريون قدم کنيو ويو آهي.

وهاب رياض چيو ته هاڪي رانديگرن کي عالمي معيار موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، نيشنل هاڪي اسٽيڊيم دنيا جو سڀ کان وڏو هاڪي اسٽيڊيم آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

هن چيو ته ايف آءِ ايڇ جي منظوري کانپوءِ انٽرنيشنل هاڪي ايونٽ ڪرايو ويندو، جلد ئي هاڪي نيشنل سائڊ ايونٽ به ڪرايو ويندو جنهن ۾ سڄي ملڪ جا رانديگر شرڪت ڪندا.

Read Previous

منهنجي اننگز جو پسنديده لمحو آخري اوور هو: بابر اعظم

Read Next

ڪنگنا رناوت ۽ ڪرن جوهر تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو

Most Popular