ڪنگنا رناوت ۽ ڪرن جوهر تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو

بالي ووڊ ڪوئن ڪنگنا رناوت ۽ فلمساز ڪرن جوهر وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

ڪنگنا رناوت ڪرن جوهر جي هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪندي شڪريو ادا ڪيو، جنهن ۾ فلمساز اداڪارا سان ڪم ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگنا رناوت ڪرن جوهر جي بيان کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته جڏهن مان پاڻ فلمساز ٿي ويندس ته ان بيان کي ڪرن جوهر کي آئينو بڻائي ڏيکاريندس.

ڪنگنا رناوت ڪافي عرصي کان ڪرن جوهر ۽ سندس ساٿين کي فلم انڊسٽري ۾ فلم مافيا سڏيندي رهي آهي.

اداڪارا جي هڪ مداح ڪرن جوهر جو پراڻو بيان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو، جنهن تي ڪنگنا رناوت جواب ڏنو.

Read Previous

نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ نئين ٽرف وڇائڻ جو ڪم شروع

Read Next

شهريار منور جي وائرل ٿيندڙ تڪراري وڊيو تي عمران اشرف جو رد عمل

Most Popular