سعودي عرب اسان کي ٻه ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا آهن: وزيراعظم

Shehbaz sharif

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب مهرباني ڪري اسان کي ٻه ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ معاشي چئلينجز مان گذري رهيو آهي، سعودي عرب مهرباني ڪري اسان کي ٻه ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا آهن، يو اي اي به هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جو اهو شرط به پورو ٿي ويو آهي. ان باوجود پرڏيهي مٽاسٽا جي صورتحال انتهائي نازڪ آهي.

شهباز شريف ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويل مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مفتي عبدالشڪور تمام ايماندار ۽ ملڻ جلڻ وارو انسان هو.

وزيراعظم چيو ته موجوده حالتن جي ڪري اسان پگهار سرينڊر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مفتي عبدالشڪور ٻڌايو ته منهنجو گذارو هن پگهار کانسواءِ ناهي، حج جا انتظام گذريل سال ڪيا ويا، گذريل سال حج جي بهترين انتظامن جو سهرو مفتي عبدالشڪور ڏانهن وڃي ٿو.

Read Previous

قومي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته ڪريو، صوبائي چونڊون ٿي رهنديون: فواد چوڌري

Read Next

پاڪستان بار سپريم ڪورٽ بل تي اسٽي آرڊر خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular