پاڪستان بار سپريم ڪورٽ بل تي اسٽي آرڊر خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان بار ڪائونسل سپريم پاران”سپريم ڪورٽ بل“ تي اسٽي آرڊر خلاف سڀاڻي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي انتظام هيٺ آل پاڪستان بار ڪائونسلز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، صوبائي بار ڪائونسل جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل هارون رشيد چيو ته چيف جسٽس پاڻ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪندو رهيو، چيف جسٽس پاران پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪري ملڪ کي نقصان ٿيو.

هن چيو ته ٻن ججن جي پاڻمرادو نوٽيس تي چونڊون ڪرايون ويون، چونڊن جو معاملو هاءِ ڪورٽن ۾ التوا هيٺ هو، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون ڇو ٽوڙيون ويون، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها پر اها هڪڙي جي مرضي هئي.

هارون رشيد چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جو قانون هجڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، عدالت طرفان حڪم نامي جي واپسي تائين احتجاج جاري رهندو، سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

Read Previous

سعودي عرب اسان کي ٻه ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا آهن: وزيراعظم

Read Next

باجوه آمريڪا ۽ سعودي سان اسان جي حڪومت جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مهم هلائي، عمران خان

Most Popular