لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي عمران خان کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

عمران خان

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ زمان پارڪ آپريشن روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين پيش ٿيو.

جسٽس علي باقر نجفي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي ان درخواست ۾ ڪا به ضرورت نظر نه ٿي اچي، ماضي ۾ زمان پارڪ ٻاهران انتهائي افسوسناڪ صورتحال ڏٺي آهي.

عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلطان صفدر دليل ڏيندي چيو ته عمران خان خلاف هڪ کانپوءِ هڪ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ عمران خان خلاف 80 ڪيس داخل آهن.

هن چيو ته عدالتون پوليس اختيارن جي غلط استعمال کي روڪي سگهن ٿيون، اسان کي اطلاع مليو آهي ته آپريشن ٿي سگهي ٿو، عيد جي موڪلن دوران. اسان کي پنجن ڏينهن تائين آرام ڏي، ڇو ته عدالتون ۽ انصاف جا دروازا پنجن ڏينهن تائين بند رهندا.

جسٽس علي باقر نجفي چيو ته انصاف جا دروازا ڪڏهن بند نه ٿيندا آهن، پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته درخواستگذار رڳو خدشن جي بنياد تي رليف گهري رهيو آهي، رپورٽ موجب هن وقت تائين ڪو به آپريشن پلان ناهي ٺاهيو ويو، قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ مختلف ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جيڪڏهن ڪو ثبوت سامهون آيو ته ادارا ڪارروائي ڪندا.


جسٽس عاليه نيلم چيو ته جيڪڏهن درخواستگذار ضمانت تي آهن ته پوءِ توهان انهن کي هٿ به نه ٿا لڳائي سگهو، عيد جي ڏينهن ڪجهه به نه ڪندا.

عمران خان روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته مون کي هاڻي انهن جي ڳالهين مان پڪي ٿي وئي ته ضرور ايڪشن وٺندا، جسٽس انوار الحق چيو ته هرڪو پنهنجي پنهنجي واري تي تشدد ڪندو آهي، عيد جو موقعو آهي، هڪ ٻئي کي ڳلي لڳايو.

عمران خان چيو ته هي قوم مون کي پنجاهه سالن کان سڃاڻي ٿي، جسٽس علي باقر نجفي چيو ته خان صاحب توهان جون ڳالهيون اسان ڪيترائي ڀيرا ٻڌيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته توهان ڪجهه نئون ڳالهايو ۽ قوم کي مستقبل جو پلان ڏيو.

Read Previous

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جو مخالف ڌر سان ڳالهين تي زور

Read Next

حڪومت آءِ ايم ايف کي ٽي ارب ڊالرن جو فنانسنگ پلان فراهم ڪري ڇڏيو

Most Popular