حڪومت آءِ ايم ايف کي ٽي ارب ڊالرن جو فنانسنگ پلان فراهم ڪري ڇڏيو

IMF

اسلام آباد: حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي 3 ارب ڊالرن جو اضافي فنانسنگ پلان فراهم ڪري ڇڏيو آهي.

منصوبي تحت عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان علاوه جنيوا ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ ملڪن ۽ ادارن پاران ڪيل واعدن موجب پاڪستان کي مالي امداد ملندي.

پاڪستان آءِ ايم ايف کان اسٽاف سطح جي معاهدي جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊونر ادارن ۽ ملڪن کان فنانسنگ آسان ٿي ويندي.

ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت وڌيڪ 3 ارب ڊالرن جو فنانسنگ پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عالمي بئنڪ، ايشين انفراسٽرڪچر بئنڪ سميت ڪمرشل بئنڪن کان فنڊ ملڻ جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب RISETO پروگرام تحت 450 ملين ڊالرز جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته پهريان اسٽاف ليول معاهدو ڪيو وڃي، عملي جي سطح تي معاهدي کانپوءِ فنانسنگ جو بندوبست آسان ٿي ويندو.

Read Previous

لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي عمران خان کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ناهن مليا: اليڪشن ڪميشن جي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع

Most Popular