هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت ٻڌڻي، سياسي پارٽين کي ڳالهين جي هدايت

سپریم کورٹ

سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران سياسي پارٽين کي ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سراج الحق اچي ويو آهي، مان توهان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، توهان هڪ نيڪ ۽ سٺو ڪم شروع ڪيو آهي، الله هن ڪامياب ڪري.

چيف جسٽس شاهه محمود قريشي کان پڇيو ته ڇا اهي سپريم ڪورٽ جي تجويز سان متفق آهن؟ شاهه محمود قريشي جواب ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ مڃي ٿي ته ملڪ کي آئين جي بالادستي سان اڳتي وڌڻو آهي، هنن هميشه آئين جي پاسداري ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو به حڪم ڏيندي ان کي قبول ڪنداسين.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اٽارني جنرل عدالتي ڪمري ۾ پهتو ۽ چيو ته اسان سوچيو ته 11:30 تي ٻڌڻي آهي، دير تي معذرت ڪريان ٿو، سرڪاري آفيسر ڪجهه دير ۾ عدالت پهچي ويندا.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته 15 منٽن کانپوءِ ٻڌڻي ڪنداسين، ان وقت تائين سڀني کي اچڻ گهرجي، سرڪاري آفيسر ايندا ۽ پوءِ ٻڌڻي شروع ڪنداسين، اسان مهمانن لاءِ ڪرسي جو به بندوبست ڪيو آهي.

ڪجهه دير کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي شروع ٿي، جنهن دوران درخواستگذار سردار ڪاشف جو وڪيل شاهه خاور روسٽرم تي آيو.

وڪيل شاهه خاور دليل ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي پارٽيون هڪ نقطي تي متفق ٿي وينديون، هڪ ئي ڏينهن چونڊن سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان عدالت ذريعي حڪم جاري ڪندا آهيون ته مونجهارا پيدا ٿيندا آهن، جيڪڏهن سياسي پارٽيون ڳالهين سان معاملا حل ڪن ته اها وڏي نعمت آهي، اڄ 29 رمضان المبارڪ جي رات آهي، اڄ اسان پنهنجي نيڪ ڪم جي شروعات ڪري رهيا آهيون.

چيف جسٽس چيو ته قوم ۾ انتشار آهي، قيادت مسئلا حل ڪندي ته امن ٿيندو، بچاءَ واري وزارت به سٺي بريفنگ ڏني، اٽارني جنرل کي گڏجي چونڊن واري معاملي تي دليل ڏيڻا هئا پر هو سياست جو شڪار ٿي ويو.

چيف جسٽس چيو ته اسان فاروق نائيڪ کي چيو ته اسان جو بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي، مون اخبار ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جو بيان پڙهيو، سندس ٿورائتو آهيان، هن اسان جي تجويز تي اتفاق ڪيو، ن ليگ به ان تجويز تي اتفاق ڪيو آهي.

فاروق نائيڪ چيو ته حڪومتي پارٽين جو اڳ به اهو ئي موقف هو ته چونڊون هڪ ئي وقت ڪرايون وڃن، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن جو وقت گذري ويو آهي، حڪومتي پارٽيون هڪ ئي ڏينهن چونڊن جي معاملي تي مشاورت ڪري رهيون آهن، بلاول ڀٽو. آصف زرداري جي مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ٿي، آصف زرداري اتحادين سان به صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، عيد الفطر کان فوري پوءِ هو اتحادين سان گڏ پي ٽي آءِ سان سياسي ڳالهه ٻولهه ڪندو.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته ماحول ڏاڍو ڏکيو آهي، پاڪستاني عوام جي تقدير جو مسئلو آهي، اسان سمجهون ٿا ته مقابلي بدران ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته اسان جي پارٽي هڪ ڏينهن چونڊن ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهي، اسان عيد کانپوءِ پنهنجي اڳواڻن جو اجلاس سڏايو آهي، مخالف ڌر سان ويهڻ لاءِ تيار آهيون ۽ چونڊن جو حل ڳولڻ لاءِ تيار آهيون، اسان سياستدان دوست آهيون.

Read Previous

سلمان خان کي وري موت جي ڌمڪي، را;ي ساونت کي به وارننگ

Read Next

وڏي وزير عيد جي موقعي تي قيدين کي 120 ڏهاڙن جي معافي ڏئي ڇڏي

Most Popular