سلمان خان کي وري موت جي ڌمڪي، را;ي ساونت کي به وارننگ

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، راکي ساونت کي معاملي کان پري رهڻ جي وارننگ ملي وئي آهي.

سلمان خان ڪافي وقت کان لارنس بشنوئي جي ريڊار تي آهي، کيس ڪيترائي ڀيرا موتمار ڌمڪيون مليون آهن.

انڊسٽري جو ليجنڊ اسٽار اداڪار هن وقت پنهنجي فلم “ڪيسي ڪا ڀائي، ڪسي ڪي جان” جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جيڪا 21 اپريل تي رليز ٿي رهي آهي.

مختلف ميڊيا رپورٽن موجب فلم رليز ٿيڻ کان 2 ڏينهن اڳ سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر اي ميل ذريعي موتمار ڌمڪي ملي آهي.

لارنس بشنوئي گروپ معاملو هتي ئي ختم نه ڪيو پر راکي ساونت کي به خبردار ڪيو ته هو معاملي کان پري رهي.

Read Previous

آئي سي جي نئين ٽي 20 رينڪنگ جاري، بابر ۽ رضوان پنهنجي پوزيشن تي برقرار

Read Next

هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت ٻڌڻي، سياسي پارٽين کي ڳالهين جي هدايت

Most Popular