وڏي وزير عيد جي موقعي تي قيدين کي 120 ڏهاڙن جي معافي ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي سنڌ صوبي جي جيلن ۾ قيد سمورن سزا يافته قيدين کي خاص معافي ڏني آهي.

وڏي وزير گهرو کاتي پاران پيش ڪيل سمري ذريعي صوبي جي جيلن ۾ قيد قيدين کي ھن عيدالفطر جي موقعي تي 120 ڏينهن تائين جي خاص معافي ڏني وئي آهي.

هي معافي موت جي سزا، قتل، جاسوسي، دهشتگردي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث عنصرن تي لاڳو نه ٿيندي. ان حوالي سان گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪراچي ۾ مقرر چين جي نئين قونصل جنرل يانگ يونڊونگ خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

چين جي نئين قونصل جنرل کي ڀليڪار ڪندي وڏي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ھو.

هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائپي وارا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه نئين قونصل جنرل کان چيو تھ ته هو سنڌ کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صوبي جو عوام چين جي ماڻھن سان ڀائپي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، قونصل جنرل وڏي وزير جي سهڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

Read Previous

هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت ٻڌڻي، سياسي پارٽين کي ڳالهين جي هدايت

Read Next

ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular