ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن بابت فيصلو ملتوي نٿو ٿئي ته اتحادين کي ڪيئن راضي ڪندس، اسان جي مٿي تي بندوق تاڻي اتفاق راءِ جي اميد نه رکي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪير به بندوق جي زور تي ڳالهيون نٿو ڪرائي سگهي، ڊائيلاگ سياسي جماعتن جو ڪم آهي، هڪ صوبي ۾ چونڊون اڳ ۾ ٿي وڃن ته اثر باقي ٽن صوبن تي پوندو، اسان جو موقف چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، مسئلن جو حل نه نڪتو ته وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو آهي، 90 ڏينهن جي آڙ ۾ چونڊون ڪرائڻ سازش آهي، اسان ڪالهه به ون يونٽ خلاف هئاسين ۽ اڄ به آهيون.

سندس چوڻ هو ته ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ بيڪ ڊور سازش ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ٿيندو، عام ماڻهو کي عدالتي بئنچ يا سياسي جماعتن جي بيانن ۾ دلچسپي ناهي.

پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عام ماڻهن کي مسئلن مان ڪڍون، سپريم ڪورٽ جو عوام سامهون ٽرائل هلي رهيو آهي، عدالت ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان جي تاريخ ۾ عدليا ۾ ايتري ورهاست نه ٿي، اميد ته چيف جسٽس پنهنجي راءِ ۾ اتحاد قائم ڪري عهدو ڇڏي ڏيندو، چاهيون ٿا ته هر اداري جي عزت ڪئي وڃي، پارليامينٽ جي عزت تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مسئلن جو حل نٿا ڪڍون ته وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو آهي، اسان جي جمهوريت وڏين ڏکيائين جو شڪار آهي، ڪوشش آهي ته اتحادين کي هڪ پيج تي آڻيون.

Read Previous

وڏي وزير عيد جي موقعي تي قيدين کي 120 ڏهاڙن جي معافي ڏئي ڇڏي

Read Next

سوناڪشي سنها جي پهرين ڊراما سيريز “ڌاڙ” 12 مئي تي رليز ٿيندي

Most Popular