سوناڪشي سنها جي پهرين ڊراما سيريز “ڌاڙ” 12 مئي تي رليز ٿيندي

خوبرو اداڪارا سوناڪشي سنها جي ڊراما سيريز “ڌاڙ” 12 مئي تي او ٽي ٽي پليٽ فارم تي رليز ڪئي ويندي.

اها پهرين بهارتي سيريز آهي، جيڪا برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي.

سيريز ۾ سوناڪشي سنها انجلي ڀٽي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ فرض شناس ۽ سخت پوليس آفيسر آهي.

او ٽي ٽي پليٽ فارم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان ڌاڙ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪيو.

هي سوناڪشي سنها جو پهريون او ٽي ٽي پروجيڪٽ آهي، سيريز 8 قسطن تي ٻڌل آهي.

Read Previous

ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

آصف علي زرداري کي پاڪستان ۽ سنڌ سان ڪا به دلچسپي ڪونهي، اياز لطيف پليجو

Most Popular