
چوٿين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي جي نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ايرينا ۾ ٽاس جو فيصلو ٿيڻ بعد ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ کي ترجيح ڏيون ها.
بابر اعظم چيو ته ٽيم ۾ 5 تبديليون ڪيون ويون آهن، پچ سٺي نظر اچي رهي آهي، هو 290 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا.
ٻئي طرف اڄوڪي ميچ لاءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.
اڄوڪي ميچ ۾ شان مسعود، فخر زمان، بابر اعظم، محمد رضوان، افتخار احمد، محمد حارث، آغا سلمان، شاهين آفريدي، محمد وسيم، اساما مير ۽ حارث رئوف کيڏي رهيا آهن.