سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني وارو بل منظور، اپوزيشن جو هنگامو، سخت احتجاج

Senate Ijlas

سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني جو بل سخت گوڙ ۽ شور وچ ۾ پاس ڪيو ويو.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران عرفان صديقي بل پيش ڪيو.

ان موقعي تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو، توهين عدالت جا نعرا هنيا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم چيو ته نااهلي جا ڪيس معاف ڪرڻ لاءِ بل آڻي رهيا آهيو، پهريان ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرايا.

اعظم نذير تارڙ چيو ته آرٽيڪل 188 ۾ نظرثاني جي طاقت جو ذڪر آهي، ترميم ۾ ماڻهن سان ظلم آهي، ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ قانون جو طريقيڪار آندو ويو آهي.

سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ آرڊر تي نظرثاني جي بل جي منظوري دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪيو ۽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي سيڪيورٽي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن کي حسار ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

Read Previous

اداڪاره زارا ترين ۽ فرحان طاهر عليحدگي اختيار ڪري ورتي

Read Next

نيوزيلينڊ پاران چوٿين ون ڊي ۾ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت

Most Popular