عاليا ڀٽ جو پنهنجي ڌيءَ راها کانسواءِ وقت ڪيئن گذاري ٿو؟

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ميٽ گالا ۾ شرڪت سبب پهريون ڀيرو پنهنجي 6 مهينن جي ڌيءَ راها کان پري ٿي وئي آهي.

تازو ئي ميٽ گالا ۾ ڊيبيو ڪندڙ اداڪارا عاليا ڀٽ پهريون ڀيرو مسلسل 4 ڏينهن تائين پنهنجي ڌيءَ راها کان پري رهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ميٽ گالا ۾ شرڪت جي موقعي تي عاليا ڀٽ پنهنجي ميڪ اپ کان اڳ ڳالهائيندي چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن هوءَ پنهنجي 6 مهينن جي ڌيءَ کان پري رهي آهي.

عاليا ڀٽ جو چوڻ آهي ته هوءَ صبح جو اٿندي سڀ کان پهرين پنهنجي ڌيءَ کي وڊيو ڪال ڪندي هئي، ڇو ته هوءَ ميٽ گالا ۾ شرڪت لاءِ ملڪ کان ٻاهر هئي.

عاليا ڀٽ چيو ته هي وڊيو ڪال صرف چند سيڪنڊن لاءِ آهي.

Read Previous

هن ڀيري ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ کٽينداسين: شاهين شاهه آفريدي

Read Next

سوارا ڀاسڪر پاران فاطمه ڀٽو کي شادي جون مبارڪون

Most Popular